عبدالڪريم بوبڪائي مخدوم

عبدالڪريم بوبڪائي، مخدوم: هي بزرگ اصل بوبڪ جو رهاڪو هو. پاڻ مخدوم ميران محمد جي نالي سان به سڏبو هو. ڪنهن زماني ۾ بوبڪ سنڌ جو وڏو تعليمي مرڪز هو، جنهن جو سرواڻ مخدوم عبدالڪريم عرف ميران محمد ولد محمد يعقوب عباسي هو. هن جي شاگردن ۾ ارغون حاڪم شاهه حسن، محمد عثمان بن عيسيٰ برهانپوري بن ابراهيم صديقي بوبڪائي، مولانا قاسم ديوان، وقت جو وڏو عالم علامه طاهر بن يوسف پاٽائي، مخدوم محمد عثمان درٻيلائي ۽ سندس پٽ مخدوم جعفر بوبڪائي مشهور ۽ معروف هئا، جن بعد ۾ سنڌ توڙي هند ۾ تمام وڏو نالو ڪمايو. مخدوم عبدالڪريم جو بوبڪ ۾ تمام وڏو مدرسو هوندو هو. مرزا شاهه حسن ارغون جڏهن ٺٽي جي حڪومت سنڀالي ته کيس ٺٽي ۾ گهرائي اتي هڪ مدرسي جو مدرس مقرر ڪيو ۽ کيس وڏي عزت ڏنائين. سندس وفات کان پوءِ سنڌ جي چوٽيءَ جي عالم، حڪيم ۽ نجومي، مخدوم جعفر بوبڪائي بوبڪ توڙي ٺٽي جي مدرسن جو اڳواڻ مقرر ٿيو. يقيناً سندس قبر بوبڪ ۾ پير منبي جي قبرستان ۾ آهي، جتي مخدوم جعفر جي قبر به آهي. ٻنهي قبرن تي جديد دور جي ٽيئرن ۽ گارڊرن سان ڇت پيل آهي. مخدوم ميران بوبڪائي 949 هه ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو